سيد علي ثاني

سيد علي (ثاني): سيد علي ثاني ارغوني دور جو وڏي ۾ وڏو پير، جيد عالم ۽ وڏي اثر ۽ اقتدار جو صاحب ٿي گذريو آهي. ارغوني ۽ ترخاني دور ۾ ڪو به وڏو واقعو ٿيندو هو ته خود حڪومت ڏانهنس رجوع ڪندي هئي. هي عالم، اديب، شاعر 889هه/ 1485ع ۾ پيدا ٿيو. سندس هڪ ڏوهيڙو ’معارف الانوار‘ ۾ آيل آهي. پاڻ سماع جو بيحد شوقين هو. شريعت جي صاحبن جي منع باوجود جماعت ساڻ ڪري مڪليءَ جي مزارن تي سماع جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ’ترخان نامه‘ ۾ آيل آهي ته جڏهن اڪبر عمرڪوٽ ۾ ڄائو، تڏهن کيس جيڪو پهريون چولو پارايو ويو، سو برڪت خاطر سيد علي ثانيءَ جي پهراڻ مان ٽڪر ڦاڙي سبيو ويو هو. سيد علي ثاني مخدوم اجر کان فيض پرايو ۽ مخدوم نوح جو مريد بڻيو. سندس پٽ سيد جلال مرزا محمد صالح بن عيسيٰ ترخان جو ڄاٽو هو. سيد علي ثاني، فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو وڏو عالم هو. عربيءَ ۾ ’آداب المريدين‘ نالي ڪتاب لکيائين. ’معارف الانوار‘ ۾ سندس بيت شامل آهي، جيڪو نموني طور هتي پيش ڪجي ٿو:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو ويهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کهندا ٿيون کارين، ڪان نه هلندي هوت ڏي.
سيد علي ثاني 981هه/ 1573ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ ۾ آهي.


لفظ سيد علي ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو